مواد ڏانھن هلو

نائٽروجن

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نائٽروجن (Nitrogen) ھڪ ڪيميائي عنصر آھي جنھن جي علامت N آھي ۽ ايٽمي نمبر 7 آھي. نائٽروجن ھڪ غير ڌات آھي ۽ پيريوڊڪ جدول جي گروپ 15 جو سڀ کان ھلڪو ميمبر آھي، جنھن کي اڪثر نڪتوجينز (pnictogens) سڏيو ويندو آھي. اهو ڪائنات ۾ هڪ عام عنصر آهي، جيڪو ملڪي واٽ ۽ شمسي نظام ۾ ڪل مقدار ۾ ستين نمبر تي آهي. معياري درجه حرارت ۽ دٻاء تي، نائٽروجن جا ٻه ايٽم ماليڪيولر نائٽروجن (N2)، هڪ بي رنگ ۽ بي بوءِ ڊائي ائٽومڪ گيس، ٺاهيندا آهن. ماليڪيولر نائٽروجن (N2) ڌرتيء جي فضا جو تقريبا %78 آهي، جيڪا ان کي هوا ۾ سڀ کان وڌيڪ گهڻائي ڪيميائي شي بڻائيندي آهي. نائيٽروجن مرکبات جي عدم استحڪام جي ڪري، نائيٽروجن ڌرتيء جي نهرين حصن ۾ نسبتا نادر آهي.

نائٽروجن

اهو پهريون ڀيرو سال 1772ع ۾، اسڪاٽش طبيعيات دان، ڊينيئل رٿرفورڊ طرفان الگ ڪيو ۽ دريافت ڪيو ويو ۽ ساڳئي وقت ۾ آزاد طور تي ڪارل ولهيلم شيلي ۽ هينري ڪيوينڊش پاران دريافت ڪيو ويو. نائٽروجن جو نالو سال 1790ع ۾ فرانسيسي ڪيميا دان، جين-اينٽائن ڪلاڊ شپٽل تجويز ڪيو هو، جڏهن هن اهو معلوم ڪيو ته نائٽرڪ ايسڊ ۽ نائٽريٽس ۾ نائٽروجن موجود هوندي آهي. انٿوني ليوائيزر Antoine) Lavoisier) ان جي بدران، قديم يوناني لفظ، ἀζωτικός (بغير جيئو واري) مان، ايزوتي (azote) نالو تجويز ڪيو، ان ڪري ته اها هڪ ٿڌي گيس (asphyxiant gas) آهي. هي نالو ڪيترين ئي ٻولين ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪجهه نائٽروجن جا مرڪب جهڙوڪ هائيڊرازائين، ايزائڊس ۽ ايزو مرڪبن ۾ ظاهر ٿئي ٿو.

عنصر نائٽروجن (N) عام طور تي پريشر سوئنگ ٽيڪنالاجي ذريعي هوا سان پيدا ٿيندي آهي. تجارتي طور تي پيدا ٿيندڙ عنصري نائٽروجن جو اٽڪل 2/3 تجارتي استعمال لاءِ انرٽ (آڪسيجن فري) گئس طور استعمال ڪي ويندي آهي جهڙوڪ فوڊ پيڪيجنگ ۽ باقي گهڻو حصو ڪرائيوجنڪ ايپليڪيشنن ۾ مائع نائٽروجن طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيترا ئي صنعتي لحاظ کان اهم مرڪب، جهڙوڪ امونيا، نائٽرڪ ايسڊ، نامياتي نائٽريٽس (پروپيلنٽ ۽ ڌماڪيدار مادا) ۽ سائيانائڊز (زهر)، نائٽروجن تي مشتمل آهن. عنصري نائٽروجن (N≡N) ۾ انتهائي مضبوط ٽريپل بانڊ، ڪاربن مونو آڪسائيڊ (CO) کان پوءِ، ڪنهن به ڊائي ائٽامڪ ماليڪيول ۾ ٻيو مضبوط بانڊ، نائٽروجن ڪيميا تي غالب آهي.[1] اهو ٻنهي جاندارن ۽ صنعتن لاءِ نائٽروجن (N2) کي مفيد مرڪبن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڏکيائي جو سبب بڻجندو آهي، پر ساڳئي وقت ان جو مطلب اهو آهي ته نائيٽروجن مرڪبن کي ساڙڻ يا ڦاڙڻ ذريعي نائٽروجن گيس ٺاهڻ ۾ وڏي مقدار ۾ مفيد توانائي خارج ٿئي ٿي. مصنوعي طور تي پيدا ڪيل امونيا ۽ نائٽريٽس اهم صنعتي ڀاڻ آهن ۽ ڀاڻ نائٽريٽس پاڻي جي سسٽم جي يوٽروفيڪيشن ۾ اهم آلودگي آهن. ڀاڻ ۽ توانائي جي صنعتن ۾ ان جي استعمال کان علاوه، نائٽروجن نامياتي مرڪبن جو هڪ جزو آهي جيئن ته اعلي طاقت وارو ڪپڙو ٺاهڻ لاء مختلف قسم جي ايرامدز (aramids) ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ سيانو اڪريليٽ (cyanoacrylate) ۾ استعمال ٿيندو آهي جيڪا سپر گلوئن (Super Glues) ٺاهين ۾ استعمال ٿيندو آهي.

نائٽروجن سڀني جاندارن ۾، بنيادي طور تي امائنو ايسڊ (۽ اھڙيءَ طرح پروٽين ۾)، نيوڪليڪ ايسڊ (DNA ۽ RNA ۾) ۽ توانائي جي منتقلي واري ماليڪيول ايڊينوسائن ٽرائيفاسفيٽ ۾ موجود هوندو آهي. انساني جسم ۾ ڪميت (Mass) جي لحاظ کان اٽڪل 3 سيڪڙو نائٽروجن، آڪسيجن، ڪاربن ۽ هائيڊروجن کان پوءِ جسم ۾ چوٿون سڀ کان وڏو عنصر آهي. نائٽروجن چڪر عنصر جي هوا مان حرڪت، حياتي دائري (Biosphere) ۽ نامياتي مرڪبن ۾ ۽ پوء واپس فضا ۾ منتقلي کي بيان ڪري ٿو. نائٽروجن هر وڏي فارماڪولوجيڪل دوا جي قسم، بشمول اينٽي بايوٽڪس، جو هڪ جزو آهي. ڪيتريون ئي دوائون قدرتي نائيٽروجن تي مشتمل سگنل واري ماليڪيولز جي نقل يا پروڊرگس آهن. مثال طور، نامياتي نائٽريٽس نائٽروگليسرين ۽ نائٽروپروسائڊ نائٽرڪ آڪسائيڊ ۾ ميٽابولائيز ڪري بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪن ٿيون. ڪيتريون ئي قابل ذڪر نائيٽروجن تي مشتمل دوائون، جهڙوڪ قدرتي ڪيفين ۽ مارفين يا مصنوعي ايمفيٽامائن، جانورن جي نيورو ٽرانسميٽرز جي وصول ڪندڙن (Receptors) تي ڪم ڪن ٿيون.

تاريخ

[سنواريو]

خاصيتون

[سنواريو]

ڪيميا ۽ ڪيميائي مرڪب

[سنواريو]

وقوع

[سنواريو]

پيداوار

[سنواريو]

ايپليڪيشن

[سنواريو]

حفاظت

[سنواريو]

نائٽروجن چڪر

[سنواريو]

سمورن جاندارن کي نائٽروجن جي ضرورت هوندي آهي پر اهي اڪثر نائٽروجن کي سڌو سنئون هوا مان کڻي استعمال نٿا ڪري سگھن. نائٽروجن ٻين عنصرن سان ملي ڪري نائٽروجني لوڻَ يا مرڪب (نائٽرائيٽس- NO2 ۽ نائٽريٽس NO3) ٺاهي ٿي. اهو عمل کنوڻ ۽ نائٽروجن ٺھڪائيندڙ بيڪٽريا (nitrogen-fixing bacteria) وسيلي ٿئي ٿو. ٻوٽا، زمين مان نائٽريٽس مادا کڻن ٿا جن کي وري جانور کاڌي رستي واپرائين ٿا. اهڙي ريت نائٽروجن جو هڪ لڳاتار هلندڙ چڪر شروع ٿئي ٿو، جن کي "نائٽروجن چڪر" سڏيو ويندو آهي.

  1. کنوڻ، نائٽروجن ۽ آڪسيجن سان ملي ڪري شوري جي تيزاب (نائٽرڪ ايسڊ) ٺاهي ٿي.
  2. شوري جو تيزاب مٽي ۾ نائٽروجن جا مرڪب (نائٽرائيٽس، NO2) ٺاهي ٿو.
  3. نائٽروجن جي مرڪبن کي جوڙيندڙ بيڪٽريا (Nitrifying Bacteria)، نائٽرائيٽس (NO2) کي نائٽريٽس (NO) ۾ تبديل ڪن ٿا.
  4. ٻوٽا، مٽي مان نائٽريٽس کڻن ٿا.
  5. نائٽروجني مرڪب جوڙيندڙ بيڪٽريا نائٽروجن کي نائٽرائيٽس يا نائٽريٽس جي مرڪبن ۾ بدلائين ٿا.
  6. جانور نائٽروجن جي مرڪبن تي مشتمل ٻوٽن کي کائين ٿا.
  7. جانور جي فضلن (Waste) ۽ ڳرندڙ سڙندڙ ٻوٽن ۾ نائٽروجن جا مرڪب هوندا آهن.
  8. نائٽروجن جي مرڪبن کي ٽوڙيندڙ بيڪٽريا (Denitrifying Bacteria) نائٽريٽس کي نائٽروجن گئس ۾ ٽوڙين يا تبديل ڪن ٿا جيڪا هوا ۾ ملي وڃي ٿي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي لنڪس

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Common Bond Energies (D) and Bond Lengths (r) آرڪائيو ڪيا ويا 2010-05-15 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. wiredchemist.com