اسٽيو ولھائيٽ

آمريڪي ڪمپيوٽر سائنسدان

اسٽيو ولھائيٽ(انگريزي: Steve Wilhite ) ڪمپيوٽر جي ھڪ آمريڪي سائنسدان جو نالو آهي جنھن ڪمپيو سرو ڪم ڪيو ۽ جي آء ايف (GIF) فائيل فارميٽ جو خالق آهي. اھو فائيل فارميٽ پي اين جي واري فائيل فارميٽ جي ٺھڻ تائين انٽرنيٽ تي اٺ بٽ واري رنگين عڪس لاء ھڪ عام مع��ار ھيو. [2] ھن جي آء ايف جو فارميٽ 1987 ۾ تيار ڪيو ۽ 2016 تائين ھي فارميٽ ويب سائيٽ ڊزائين، سوشل ميڊيا جي پوسٽن، ورڪ فلو ڊاڪيومينٽس ۽ ھائو-ٽہ-گائيڊس لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ فارميٽ ھيو.[3] ڪمپيو سرو انفارميشن مينيجر ٿيڻ کان اڳ ھي ڪمپيو سرو جي ھڪ ٽيم ۾ ڪم ڪندڙ ھيو جنھن پي ڊي پي 10 سسٽم ڪمپيوٽرن تي رن ٽائيم جا سسٽم ٺاھيا جيڪي ڪمپيو سرو جا سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ پليٽفارم ھيا جن ۾ فورٽران ۽ بيسڪ (BASIC) ڪمپائيلر ۽ رن ٽائيم سسٽم شامل آهن ۽ بلس (BLISS) پروگرامن جي ٽيڪ لاء انھن جي مکيہ لائبريري بي ٽولس (BTOOLS) آھي.جي آء ايف کي جف jif اچارڻ سان اڪثر ولھائيٽ جو نالو موضوع بحث رھندو آھي . آڪسفورڊ ڊڪشنري ان جف (jif) اچار کي مڃي ٿي .[4]

اسٽيو ولھائيٽ
Steve Wilhite
قوميت آمريڪي
شھريت يونائيٽيڊ اسٽيٽس
شھرت جو ڪارڻ جي آء ايف
اعزاز ويبي لائيف ٽائيم اچيومينٽ [1]
'سائنسي پيشو'
شعبو ڪمپيوٽر سائنس
ادارا ڪمپيو سرو(CompuServe)
اي او ايل
متاثر ٿيو جي آء ايف